دلن جو دڙو

دلن جو دڙو: هي اسلامي دؤر جو ماڳ آهي، جيڪو تلهار کان چار ميل ڏکڻ اوڀر، ضلعي بدين ۾ ڳوٺ غلام حسين جماليءَ جي ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. دڙو 25 ايڪڙن ۾ 15 فوٽ کن اوچو آهي. هن وسنديءَ کي مدد خان پٺاڻ برباد ڪيو هو. هن جي اڀرندي ۾ ريڻ درياهه وهندو هو. ڳٺو ڍورو، ريڻ نديءَ مان هن هنڌان ئي ڦٽي نڪرندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو